پچٽ جو دڙو

پچٽ جو دڙو: هي آثار عمرڪوٽ ضلعي جي ساماري تعلقي ۾ ديهه ٽمون کڱارو ۽ ديهه هيرل 23 ۾ آهي. هي ڀڙو هميراڻي ڀڙي کان اٽڪل 10-12 ڪلوميٽر پري آهي. روايتن موجب پچٽ راءِ هڪ جادوگر هو ۽ هن دڙي واري هنڌ ڪنهن سمي سندس راڄــڌاني قائـم ڪئـي هئـي. آس پاس جون هر عمر جون عورتون ڪن مقرر ڏڻن تي وٽس سلامي ڀرڻ اينديون هيون. انهن عورتن ۾ راءِ چنيسر داسڙي جي محبوبا ليلان پڻ هئي. هن ڀڙي کان ڪجهه فاصلي تي هاڪڙي ۽ مهراڻ جي ميلاپ واري جاءِ ويجهو مشهور قديم آثارن وارو ماڳ نُهٽو آهي، جيڪو مهراڻ جي ساڄي ۽ هاڪڙي جي کاٻي ڪپ تي آهي. پچٽ دڙو هن وقت ايڪڙ کن جيتري ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هتان مٿاڇري تان مختلف قسمن جا سڪا ۽ ٺڪر جا ٿانو، رانديڪا ۽ مورتيون ملن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو